ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ٽڪ ٽاڪر مسڪان شيخ سميت چئن ڄڻن جي قتل ڪيس جي مک جوابدار عبدالرحمان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالتي فيصلو اچڻ کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن پوليس پاران ڄاڻايل ڪيس جي چالان ۾ عبدالرحمان کي مک جوابدار ڄاڻايو هو، جنهن بعد عدالت سندس وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جوابدار ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن کي عدالت ڪالهه رد ڪري ڇڏيو.