پنگريو (ن پ ا) پنگريو پوليس جي حد ڳوٺ ٺارو خان رند ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ٽائون ملازم جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب ڳوٺ ٺارو خان رند ۾خميس ڏينهن زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان غلام مصطفيٰ رند جي ڀاءُ فدا حسين رند پنگريو ٿاڻي تي پيرل رند، حاڪم رند، نورو احمداڻي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مذڪوره ماڻھن سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي، معاملو عدالت ۾ آھي پر جوبدارن گھر خالي ڪرڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون ۽ گھر خالي نه ڪرڻ تي سڌا فائر ڪري ڀاءُ غلام مصطفيٰ کي پيرل رند ۽ سندس ساٿين قتل ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن پنگريو پوليس ھڪ جوابدار پيرل رند کي گرفتار ڪري سول ڪورٽ ٽنڊوباگو مان 7 ڏينھن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو. پنگريو پوليس جو چوڻ آھي ته باقي جوابدار فرار ٿي ويا آھن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.