گورنر جا اعتراض سمجهه ۾ نه آيا، پ پ سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندي: وڏو وزير

0
352
آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جي طرفان اليڪشن ۾ دير نه ٿيندي، اسان ته پاور ڏنا آھن، گورنر جا اعتراض سمجهه ۾ نه آيا، ڇنڇر تي اسيمبلي ۾ ٻيهر بل پيش ڪنداسين

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪنهن به ماڻهو کي ميئر چونڊڻ واري ترميم تي به هنگامو ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به ائين ماڻهو چونڊيا ويا آهن، وڏي وڏي جماعتون به ان ترميم تي اعتراض ڪري رهيا آهن

وڏي وزير چيو آهي ته سڀاڻي پوري ملڪ ۾ پيپلزپارٽي پيٽرول جي کوٽ تي احتجاج ڪندي، دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن هتي وڌي رهيون آهن، سڀاڻي ڌرڻو پوري پاڪستان ۾ لڳندو، 17 تاريخ تي گئس جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنداسين

هن چيو آهي ته وفاقي وزير به پنهنجا آهن، ٻن وزيرن مون کي هڪ ڳالهه ٻڌائي ته پيٽروليم ڊيلرز جي ڪميشن وڌائڻ جو چيو ويو، ڪجهه وفاقي وزيرن اعتراض ڪيو پر وزير اعظم اهو فيصلو ڪيو ته منهنجو هڪ دوست آهي جنهن جو پيٽرول پمپ آهي، هاڻي دوستن جي فرمائش تي فيصلا ڪيا وڃن ٿا

هن چيو ته وزيراعظم فيصلو ڪيو ته منهنجي دوست جو پئٽرول پمپ آهي ان دوست چيو ته يا پئسا وڌايو يا منافعو وڌايو، وزيراعظم دوست جي بنياد تي پئٽرول جا اگهه وڌايا

وڏي وزير چيو ته هاڻي صوبي ۾ هر يوسي ۾ جيڪي اسڪولز آهن انهن جا پرنسيپال، هيڊ ماستر انهن اسڪولن جي انٽرولمينٽ سميت ٽن مهيني جي رپورٽ يوسي کي ڏيڻي پوندي، اهڙي طرح هيلٿ کي به هر ٽئين مهيني صحت جي سهولتن بابت لاڳاپيل يوسي کي رپورٽ ڏيڻي پوندي

وڏي وزير چيو آهي ته پوليس کي به امن امان جي حوالي سان رپورٽ لوڪل ڪائونسلن ۾ جمع ڪرائڻي پوندي،