الجھڙيو انڍڙ سان پيار پرڻو ڪرڻ تان وڏيري علي گوھر انڍڙ مڙس کي مارايو: غنويٰ انڍڙ

0
161

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڏيڍ سال اڳ پيار جي پرڻي تان مبينا قتل ڪيل نوجوان الجھڙيو انڍڙ جي گھرواري پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ احتجاج ڪندي وڏيري علي گوهر خان انڍڙ مٿان قتل ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ھٿياربند موڪلڻ جو الزام هنيو

ڳوٺ جلال انڍڙ ۾ ڏيڍ سال اڳ پيار جي پرڻي تان مارجي ويل نوجوان الجھڙيو انڍڙ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس گھرواري کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مقتول الهجڙيو جي گھرواري غنويٰ انڍڙ الزام هنيو ته مان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جيڪا ڳالهه وڏيري علي گوھر خان انڍڙ کي پسند نه آئي، جنھن تان هن منھنجي مڙس کي قتل ڪرائي ڇڏيو

هن چيو ته منھنجي مڙس کانپوءِ منھنجي حياتي کي به خطرو آھي، مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ وڏيري ھٿياربند موڪليا پر مان هنن کان بچي ويس، منهنجي مڙس جي قاتلن کي گرفتاري ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي علي گوهر خان انڍڙ چيو ته مون مٿان لڳل الزام بي بنياد آھن، مون کي ڪنھن به مامري جي خبر ناھي