گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي گورنمينٽ ڊي سي هاءِ  اسڪول ۾ راشن بيگ ورهائڻ دوران عورتن ۽ مردن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران عورتن جي تذليل ڪئي وئي، عورتن ۽ مردن هڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، سامان هڪ ٻئي کان هٿن مان ڦر ڪندا رهيا، ان موقعي تي ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار بيوس ٿيندي کسڪي ويا، فلاحي تنظيم پاران ضلعي انتظاميا سان گڏجي راشن ورهائي رهيا هئا ته بدنظمي شروع ٿي وئي، جڏهن ته مستحق پيرسن عورتون راشن بيگ ملڻ جي آسري انتظار ڪنديون رهيون پر انهن کي راشن نه مليو ۽ خالي هٿ واپس موٽي هليون ويون.