دادو (رپورٽر) دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن ۾ نانگ ۽ ٻيون بلائون نڪري آيون آهن کپر نانگ 25 ورهين جي زيب النساءِ بروهي کي ٻه ڀيرا ڪکي وڌو جنهن کي سول اسپتال ۾ اينٽي سنيڪ وينم ويڪسين لڳائي وئي. سندس حالت نازڪ هجڻ سبب کيس رت جون ٿيلهيون به چاڙهيون ويون. زيب النساءِ جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ واهڙ ويجهو رئيس نگر آهي جيڪو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي هاڻي هو حفاظتي بندن تي ويٺل آهن جتي نانگ نڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سندس ڪٽنب جي هڪ عورت نانگ کي ماريو هو. زيب النساءِ کي دادو آڻڻ لاءِ ٻيڙي جو بندوبست ڪري سندس پير کي ٻڌي پهچايو ويو، هو اڃا به علاج هيٺ آهي.