گهوٽڪي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل

0
185
جهڏو ۾ هٿياربندن

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي.

آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جانڻ واسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت مسمات شملي ميراڻي کي قتل ڪيو ويو.

ذريعن موجب جوابدار ميهار ميراڻي پنهنجي شادي شده سئوٽ شملي خاتون ميراڻي کي مبينا ڪارنهن الزام مڙهي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي آندل سندراڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.

ھي به پڙھندا

گھوٽڪي ۾ پسند جي شادي ناري جي زندگي کي خطرو، قتل جي فتويٰ، تحفظ جي گھر