اسلامي انقلاب تلوار سان نه پر فڪر سان آيو، عظيم قوم بڻجڻ لاءِ طاقتورن جو احتساب ضروري آھي: وزيراعظم جو رحمت للعالمينﷺ ڪانفرنس کي خطاب

0
270
اسلامي انقلاب تلوار سان

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ اسان کي پنهنجو رستو ٺيڪ ڪرڻو آهي، عظيم قوم بڻجڻ لاءِ اسلامي اصولن تي هلڻو پوندو، اسلامي انقلاب تلوار سان نه فڪري سوچ سان آيو هو، مديني جي رياست اسان لاءِ  رول ماڊل آهي

وزيراعظم عمران خان قومي رحمت  للعالمين ﷺڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ بزدل انسان ڪڏهن به ليڊر بڻجي نه ٿو سگهي، بزدل ماڻهو ملڪي ناڻو چوري ڪري ڀڄي ناهي ويندو، صادق ۽ امين هئڻ سان  ليڊر بڻجي سگهي ٿو

ھن چيو تھ صادق ۽ امين نه هئڻ سان انسان عزت وڃائي ويهي ٿو، طاقتور  قانون جي بالادستي نه ٿو چاهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ  الڳ قانون قوم جي تباهي جو سبب آهي، پاناما ڪيس ۾ ڪهڙي ريت ڪوڙ ڳالھايو ويو

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ بنانا ريپبلڪ  ۾ ئي قطري خط اچي سگهن ٿا، برطانيا ۾ قطري خط اچي ته ان وقت جيل ۾ وڌو وڃي ها، اخلاقيات جو معيار نه هئڻ ڪري جمهوريت نه ٿي هلي سگهي

ھن چيو تھ اسان وٽ سينيٽ  ۾ ووٽ وڪرو ٿين ٿا، انگلينڊ ۾ ووٽ  وڪري جو تصور ئي ناهي، 90 لک پاڪستاني پرڏيهه ۾ رهن ٿا، پاڪستان جو سسٽم اوورسيز کي وطن اچڻ نه ٿو ڏي

ھن چيو تھ 90لک اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، هي سيڙپڪاري ڪن ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو ئي نه پوي، اسان جو مقصد آهي ته پاڪستان فلاحي رياست بڻجي، اسان جي جدوجهد  ملڪ ۾ قانون جي بالادستي آهي