راڻيپور(رپورٽ: رضا راڄپر )رمضان شريف شروع ٿيندي ئي رات جو راندين جا ميدان سجي ويا. گمبٽ ٽيم بيڊمنٽن جو ڪپ کٽي ورتو، جونيئرس ٽورنامينٽ ۾ گمبٽ، سڳيون، کھڙا، سوڀوديرو خيرپور سميت 20 ٽيمن ۾ مقابلا ٿيا. گمبٽ جي ٽيم جا محمد عارف اشرف ۽ عبدل واحد شيخ ۽ راڻيپور جي ٽيم جا پير سيد نوريد رضا شاھ جيلاني ۽ حسنين رضا مغل فائنل ۾ پھچي ويا . فائنل ۾ گمبٽ بيڊمنٽن جونيئرس ۽ راڻيپور جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ گمبٽ بيڊمنٽن جي ٽيم ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پير آف راڻيپور اسد شاھ جيلاني رانديگرن ۾ ڪپ ۽ ٻيا انعام ورهايا.