خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاھ ۾ صدام مصطفي’ کوسو جي ياد ۾ ڪولاچي سپر ليگ ڪرڪيٽ جو فائنل ڪولاچي اليون کٽي ورتو. ان ڏس ۾ کوسا لائين پهريان کيڏندي 12 اروون ۾ 196 جو ٽارگيٽ ڏنو، ارشد علي کوسو 65 رنسون ۽ امجد علي کوسو 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪولاچي اليون 196 جو هدف چار وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، آصف لاشاري 90 ۽ زاهد چانڊيو 47 رنز جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪولاچي اليون ڪي ايس ايل جي فرسٽ ايڊيشن جي چيمپئن بڻجي وئي. ڪولاچي سپر ليگ جو بهترين بيٽسمين ماجد علي کوسو ۽ بهترين بالر جاويد علي کوسو رهيا