دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) جي ون ڊي رينڪنگ موجب بابر اعظم ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏيندي نمبر ون پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي آڪٽوبر 2017 کان آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي هو. ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز جي 3 ميچز ۾ 228 رنز ٺاهيندڙ بابر اعظم سيريز دوران مجموعي طور تي 28 ريٽنگ پوائنٽس حاصل ڪيا، سيريز جي شروعات کان اڳ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي درجه بندي ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهلي ۽ پاڪستان جي بابر اعظم وچ ۾ 20 ريٽنگ پوائنٽس جو فرق هو. ميزبان ٽيم خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ 103 رنز جي اننگز کيڏڻ تي بابر اعظم ون ڊي رينڪنگ پليئرز رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي. ون ڊي انٽرنيشنل رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ بابر اعظم جو ٽي ٽوئنٽي جي عالمي رينڪنگ ۾ ٽيون ۽ ٽيسٽ ۾ ڇهين پوزيشن آهي. آءِ سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ بابرا عظم پهرين، ويرات ڪوهلي ٻي، روهت شرما ٽئين، روس ٽيلر چوٿين، ايرون فنچ پنجين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. فهرست ۾ جوني بيراسٽو جو ڇهون، فخر زمان جو ستون، فاف ڊوپليسي جو اٺون، ڊيوڊ وارنر جو نئون ۽ شائي هوپ جو ٻيو نمبر آهي. اوپنر فخر زمان ڏکڻ آفريڪا خلاف 3 ميچز ۾ 202 رنز ٺاهي نه رڳو مين آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪيو پر هو آءِ سي سي ون ڊي انٽرنيشنل پيلئرز رينڪنگ ۾ به پهرين 10 بهترين رانديگرن ۾ شامل ٿي ويو آهي.