گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ لولائي شاخ وٽ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل 26 سال جو ولي محمد ناريجو سور نه سهندي گمبٽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. وارثن ٻڌايو ته نوجوان 3 ڏينهن اڳ گمبٽ کان ڳوٺ ٺٽي ناريجا اچي رهيو ته ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب ولي محمد ناريجو زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻي گمبٽ اسپتال پهچايو هو جتي زخمي جو علاج هلندڙ هو.نوجوان زخمن جا سور نه سهندي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.