ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ قائم شاھ ۾ ميرواھ ڪئنال تي راند کيڏڻ دوران پير ترڪڻ سبب 8 ورهين جو نينگر مجيب پٽ عارف جوڳي واھ ۾ ٻڏي ويو. اطلاع تي وارثن پاران ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي پر هٿ نه اچي سگهيو. ڳوٺاڻن عارف جوڳي، نور محمد منظور جوڳي ۽َ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پٽ راند ڪندي ٻُڏي ويو آھي.