حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ريجن سطح تي قائم اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ ريجنل ڪرائيم ڪنٽرول سيل کي بند ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد ٻنهي سيلز کي بنڊ ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪندي اتي مقرر اسٽاف کي سندس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. آءِ جي سنڌ کي عوامي شڪايتون مليون هيون ته پوليس آفيسرن پنهنجي ليکي مختلف سيلز قائم ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن سيلز جي مدد سان ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳ ئي ضلعي سطح تي پوليس جا مختلف سيلز ڪم ڪندڙ آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ آرڊر جاري ڪري اهڙا سيل بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. آءِ جي سنڌ جي جاري ڪيل آرڊر جي روشني ۾ حيدرآباد جي ايڊيشنل آءِ جي به ريجن سطح تي قائم پنهنجا سيل بند ڪري ڇڏيا آهن.