گلگلت ۽ ڪي پي شديد برفباري، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

0
223

گلگلت ۽ ڪي پي شديد

ڪراچي(م ڊ) گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ اتر بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، ديربالا جي علائقي ڊوگدرا ۾ تيز برفباري سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آهن

هوڏانهن گلگت ۾ برسات ۽ برفباري سبب لينڊ سلائيڊنگ سبب اسڪردو ۽ قراقرم هاءِ وي تي ڪيترن ئي هنڌن بند ٿي وئي

ٻئي طرف ڪوئيٽا، زيارت هاءِ وي کي اچ وڃ لاءِ جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي ۽ ڪان مهترزئي هاءِ وي تان برف هٽائڻ جو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي