لسٽڊ بزنسز جي سالياني منافعي ۾ 59 سيڪڙو اضافو ظاھر ڪري ٿو ته معيشت ترقي ڪري رھي آھي: وزيراعظم

0
205
اسلام آباد مارچ جي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽ ڪيل ڪمپنين جي رڪارڊ منافعي بابت بيان ڏنو آهي, سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي وبا جي باوجود مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ لسٽڊ بزنسز جي سالياني منافعي ۾ 59 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن

وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ڪاروبار ۽ مالڪ پنهنجي ملازمن کي منافعي ۾ حصيدار بڻائيندا, ياد رهي ته هڪ رپورٽ موجب گذريل سال جي پهرين 9 مهينن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 258 ارب رپين جو منافعو ڪمايو، جيڪو 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعو قرار ڏنو ويو آهي