گلاب لغاري(ن پ ا) گلاب لغاري جي يوسي 3 ماڻڪ لغاري ۽ يوسي 5 حاجي الھڏنو سريوال ايٽ ڪالرو موري تان بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پيپلز پارٽي جي يو آء ۽ آزاد اتحاد گروپن جي اميدوارن چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. يوسي ماڻڪ لغاري ۾ پيپلز پارٽي طرفان ضلع ڪائونسل لاء زاھد بشير سريوال چيئرمين لاء تيمور سريوال ۽ وائيس چيئرمين لاء اجي ڪمار لوھاڻو جي يو آء طرفان ضلع ڪائونسل لاء ساجد علي شھاڻي چيئرمين لاء محمد صديق شھاڻي وائيس چيئرمين لاء سلطان علي لغاري جڏهن ته آزاد راڄوڻي عقيل احمد گروپ طرفان ضلع ڪائونسل لاء محمد نواز سريوال چيئرمين لاء عقيل احمد سريوال وائيس چيئرمين لاء حاجي انور لغاري ميدان تي لٿل آهن، جڏهن ته يوسي حاجي الھڏنو سريوال ايٽ ڪالرو موري تان ٻن گروپن پيپلزپارٽي اميدوارن ضلع ڪائونسل لاء تنوير خان سريوال چيئرمين لاء شاھنواز خاصخيلي ۽ وائيس چيئرمين لاء شاھنواز دستي ۽ نورقلندر بخش ھاليپوٽو جي حمايت يافتا آزاد گروپ ضلع ڪائونسل لاء ايڊووڪيٽ محمد حسن سريوال چيئرمين لاء ايڊووڪيٽ سڪندر خاصخيلي ۽ وائيس چيئرمين لاء الھبچايو رند وچ ۾ مقابلي جو امڪان آهي.