بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾ بلدياتي اليڪشن جون ويجهو ايندي ئي آزاد راڄوڻي اتحاد پاران يونين ڪائونسل بڪيراشريف ۾ اليڪشن موهم تيز ڪري ڇڏي، بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ عبدالعزيز کوکر ۾ آزاد راڄوڻي اتحاد جي مان جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي جي عوام وڏي تعداد ۾ پهتي. انهي موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار آفتاب احمد کوکر، غلام مجتبئ کوکر، پاران جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ مسلسل پ پ جي حڪومت رهي آهي جنهن تئسند کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، تازين برساتن ۾ عوام جي ڪا به سار نه لڌي اڃا تائين ضلعي جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ڪيترن غريب مسڪين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جنهن ڪري ماڻهو سخت سردي ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن،توهان 15 جنوري تي آزاد راڄوڻي اتحاد جي پينل کي ڪامياب ڪريو اسان ڪاميابي ماڻي توهان جا بنيادي مسئلا حل ڪنداسين. انهي موقعي تي نبي بخش کوکر، عبدالعزيز کوکر، علي نواز کوکر، عبدالوهاب کوکر، خالد کوکر، منو مدهوش، ڪاڪو مانو ڀيل، ڊاڪٽر شيوو ڀيل، ريجهو ڀيل ۽ ٻين پاران آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ اهو يقين ڏياريو ته اليڪشن ۾ آزاد راڄوڻي اتحاد جي پينل کي ڪامياب ڪنداسين.