سيتاروڊ ( ن پ ا ) 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊ هيلوڪي برسات، مها ٻوڏ جي تباهي ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب پ پ پ اميدوارن لاء چونڊ کٽڻ پنهنجي جاء تي پر چونڊ ورڪ به مشڪل بڻجڻي وئي آهي.  صوتحال کي منهن ڏيڻ لاء پ پ پ سٽي سيتاروڊ جو اجلاس ايم اين اي هائوس گهرايو ويو۔ جنهن ۾ شھر جي مختلف وارڊن جي ڪائونسل اميدوارن سميت مقامي اڳواڻن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ هڪٻئي سان ڪئي شڪايتن بعد فيصلو ڪيو ويو ته صورتحال کي گڏجي منهن ڏبو۔ اجلاس ۾ اهو به طئه ٿيو ته شھر جي گهٽين، بازارن، چونڪ، چوراهن کي پ پ پ جي ٽه رنگي جهنڊن ۽ پينا فليڪس سان سينگارڻ سميت وڏي تعداد ڪارن موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين جي ريلي ڪڍي قافلي جي صورت ۾ اڄ اربع ڏهاڙي مقامي درگاھ رحماني سرڪار تي چادر چاڙھي پارٽي جو پاور شو ڏيکاري باقاعده چونڊ مهم جو آغاز ڪيو ويندو.  پارٽي جو هي اجلاس سٽي صدر لالا علي اڪبر جانوري جي صدارت ۾ گهرايو ويو۔ جنهن ۾ قمبر علي خان لغاري، مظھر حسين چانڊيو، حاجي جعفر حسين آرائين، عبدالرحمان سولنگي، اختر حسين کوسو، منظور علي ٻگهيو، مير محمد جانوري، علي خان جانوري، عبدالمنان سولنگي، آفتاب سومرو، ڪليم الله سولنگي سميت مختلف وارڊن جي اميدوارن پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ ٻين ورڪرن وڏي تعداد شرڪت ڪئي۔