ڪڙيوگهنور  (ن پ ا ) ڪڙيوگهنور شھر جي وارڊ نمبر 3 ۾ موتي ڪولهي نالي شخص بلو جي گهر ۾ گهڙي سندس گهر واري چنده ٻائي تي ڇرين جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو ، زخمي عورت کي سندس مڙس بيهوشي واري حالت ۾ ڪڙيوگهنور ٿاڻي تي کڻي آيو جتي ڪڙيوگهنور پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري زخمي عورت کي علاج جو ليٽر ڏيڻ بعد کين گولاڙچي جي تعلقه ا سپتال روانو  ڪري ڇڏيو ، متاثر عورت جي مڙس ميڊيا کي ٻڌايو ته موتي ڪولهي نالي همراه پاڻ سوشل ورڪ سڏائي سامان ڏيندو هو ، ڪجھ ڏينهن کان چئي رهيو هو ته مون کي سامان جا پئسا ڏيو ، ان بعد اڄ ھو اچانڪ منهنجي گهر ۾ گهڙي منهنجي گهر واري تي حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي مون سان انصاف ڪيو وڃي .