گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان نوجوان مبينا پسٽل جي فائر سبب سخت رخمي، آپگهات جي ڪوشش جا چوٻول، خبرموجب ڳوٺ مولابخش زرداري ۾ نوجوان صوبدار زرداري گھر ۾ مبينا پسٽل جي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه جي پي ايم يو اسپتال نيو ويو، وارثن ٻڌايو ته نوجوان گھر ۾ پسٽل صاف ڪري رھيو ھو ته اوچتو گولي ڇٽڻ سبب هو زخمي ٿي پيو، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته نوجوان گھرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي،