ڪڏهن به عدالت ڪنهن آمر کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت نه ڪئي: مريم نواز

0
257

راولپنڊي: نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ڪڏهن به ڪنهن عدالت ڪنهن آمر کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت نه ڪئي، ڪڏهن به ڪنهن ڊڪٽيٽر کي نااهل نه ڪيو ويو، رڳو عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي ئي ڪڍيو ويو

راولپنڊي ۾ وڪلا ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڇا ڪڏهن به ڪنهن آمر کي سسلين مافيا يا گاڊ فادر جو لقب مليو؟ ڇا توهان جو زور رڳو عوام جي چونڊيل نمائندن تي هلي ٿو؟

هن چيو ته ڪڏهن به آمرن جو رستو نه روڪيو آهي، رستو سدائين جمهوريت جو روڪيو ويو آهي

مريم نواز چيو ته آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه رٽائرڊ جنرل فيض حميد عدالت کي ڪنٽرول ڪندو هو، عمران خان سندس لاڏلو هو، اهو ئي ڪارن  آهي ته عمران خان مٿس ڪڏهن تنقيد ناهي ڪندو

هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس عمران خان جي سازش هئي، عدالتن ۾ ججز جا ڪيس التوا جو شڪار آهن، اُتي چيف جسٽس ڇو نٿو جذباتي ٿئي؟

مريم نواز چيو ته چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ۾تنقيد ڪندڙ اهي ئي سياستدان آهن جيڪي جيل ڪاٽي آيا آهن، بلڪل اسان جيل ڪاٽي آهيون، اسان کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، اهي سڀ سزائون عوام خاطر ڪاٽيون آهن

هي به پڙهندا

اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي: عمران خان