اسرائيلي پوليس بيت المقدس جي الاقصيٰ مسجد ۾ نمازين تي ڪڙڪي پئي، 14 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي

0
296
اسرائيلي پوليس بيت المقدس جي الاقصيٰ مسجد ۾ نمازين تي ڪڙڪي پئي، 14 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي
اسرائيلي پوليس بيت المقدس جي الاقصيٰ مسجد ۾ نمازين تي ڪڙڪي پئي، 14 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي

اسرائيلي پوليس بيت المقدس جي الاقصيٰ مسجد ۾ نمازين تي ڪڙڪي پئي، وحشياڻي تشدد ۾ عورتن سميت 14 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن

فلسطيني فجر جي نماز وقت مسجد اقصيٰ ۾ موجود هئا ته اسرائيلي پوليس اندر داخل ٿي ڏنڊن ۽ بندوقن جي ڪنداقن سان حملو ڪري ڏنو

فلسطينين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي پوليس پرسٽن گرنيڊ ۽ رٻڙ جون گوليون به فائر ڪيون

اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه فلسطيني بارودي مواد سان گڏ مسجد ۾ داخل ٿيا هئا، جنهن بعد ڪارروائي شروع ڪئي وئي

سعودي عرب ۽ اردن پاران اسرائيلي پوليس جي جارحيت جي مذمت ڪئي وئي آهي

سعودي پرڏيهي وزارت پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ اهڙا قدم بين الاقوامي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن

فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل کي مقدس ماڳن تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسان اسرائيلين جي پيرن هيٺان ڌرتيءَ کي ٽانڊا ڪري ڇڏينداسين

هي به پڙهندا

مون سان شادي ڇو نه ڪئي؟ نوجوان محبوبه کي تحفي ۾ بم موڪلي ڇڏيو، گهوٽ مارجي ويو