ڪنڌڪوٽ: دراني مهر جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن: ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي باهه

0
235

ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر واري ڪچي ۾ ٽئين ڏينهن به پوليس جو آپريشن جاري آهي، پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي

 پوليس ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۽ سندن پوکيل ڪڻڪ جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي

2 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي حملي ۾ ايس ايڇ او عبداللطيف ميراڻي شهيد، ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ۽ پوليس اهلڪار اسحاق ميراڻي زخمي ٿي پيا هئا

ايس ايس پي عرفان سمون دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس آپريشن ۾ 11 کان 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر پوليس هڪ به ڌاريل جو لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي

هي به پڙهندا

دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن: ايس ايڇ او شهيد: 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ