ڊي آءِ خان(م ڊ) ڊي آءِ خان جي تعلقي ڪلاچي ۾ تحريڪ انصاف ايم پي اي آغاز خان گنڊاپور جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي نتيجي ۾ ايم پي اي جي گهر تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيا. پوليس ٻڌايو ته فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ هڪ اهلڪار اسپتال نيئندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي زخمي اهلڪار کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ وقت پي ٽي آءِ ايم پي اي آغاز گنڊاپور گهر ۾ نه هو پر سندس ننڍو ڀاءُ ۽ تعلقي چيئرمين آريز خان گنڊاپور ۽ گهرڀاتي موجود هئا.