ڪراچي(م ڊ) سينئر تجزياڪار ۽ صحافي مظهر عباس چيو آهي ته ڪراچي ۾ هاڻ غيرسياسي ايڊمنسٽريٽر ايندو جيڪو گهڻو ڪري ڪامورو هوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٺاهه موجب حڪومت کي ايم ڪيو ايم جو نامزد ڪيل ماڻهو سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻو هو ۽ هڪ غيرسياسي شخص کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر بڻائڻو هو. ان کان پوءِ اهي ٻئي معاملا التوا جو شڪار آهن.