خيرپورناٿن شاهه  ( ن پ ا ) خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي جي رهواسي مغيري برادري جي ٻوڏ متاثر خاندان جي ڪوچ سانحي ۾ 19 فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ وزير اعلي سنڌ طرفان اعلانيل امدادي رقم 8 مهينا گذرڻ باوجود نه ملڻ خلاف فوتين جي وارثن مزن علي مغيري، ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري، سڪندر جي اڳواڻي ۾ مير حسن چونڪ کان علمدار چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مک روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻوڏ دوران سبب ٻچا وٺي ڪراچي ويا هيا سين واپسي تي ڪوچ سان نوري آباد ڀرسان سانحو پيش آيو، اسان جي خاندان جا 19 ڀاتي فوت ٿي ويا. هنن چيو ته وزير اعلي سنڌ ڳوٺ پهچي تعزيت بعد امدادي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين عمل ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيون ڪوچ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 19 ٻوڏ متاثرن جي وارثن کي امدادي رقم جا چيڪ ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ وزير اعليٰ هائوس اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.