ٺٽو ( رپورٽر )  ٺٽي جي سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر شھيد يار محمد جلالاڻي جي 14ھين ورسي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين صوفي حضور بخش خطاب ڪندي چيو ته شھيد يار محمد جلالاڻي جو عظيم ڪردار ھميشه ياد رکيو ويندو، هن ضياءُ جي ڪاري دور ۾ ڀٽو شھيد جي حق ۾ آمرن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ آمرن جي وڏيرن کي للڪار ڪئي، 14 سالن جي عمر ۾ پھريون ڀيرو سياسي ڪيس ۾ جيل ويو،  ھن چيو ته جڏھن شاھمراد شوگر مل ۾ مزدور يونين اڳواڻ بڻيو ته ھڪ ئي ڏينھن ۾ 300 کان وڌيڪ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏياريو، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجھي خطاب ڪندي چيو ته شھيد يار محمد جلالاڻي جو ڪردار گھڻ رخي شخصيت وارو ڪردار ھو،جڏھن حق سچ لکڻ کي ڏوھ سمجھيو ويندو ھو پر سندس قلم ھميشه سچ جو ساٿي بڻيل رھيو،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو چيو ته شھيد يار محمد جلالاڻي جھڙا ڪردار صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن، پاڻي ماھر ۽ ليکڪ انجنيئر اوڀايو خشڪ خطاب ڪندي چيو ته شھيد يار محمد جلالاڻي جنھن دور ۾ صحافت ڪئي ان دور ۾ صحافت لاءِ ڏاڍا اڙانگھا رستا ھئا پر ھُن ھميشه بھادري سان ڪردار ادا ڪيو.سينيئر صحافين منظور پنھور، اقبال خواجا، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ترجمان رمضان ميمڻ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.