خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ صدورو خان جانوري جو رھواسي نوجوان حسين بخش پٽ جمال الدين جانوري گذريل ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان گذريل ٽن ڏينهن کان لاپتا آهي، ڳولا باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. سندس موبائل فون پڻ بند ملي رهيو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوجوان حسين بخش کي بازياب ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.