ڄامشورو: نثار کهڙو جي گھيراءُ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس ڪاميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي تحريڪ تي جائزو ورتو ويو. اڳتي جي لاعمل لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته نثار احمد کهوڙو جي ڪيل اعلان تحت وڌايل في جو 50 سيڪڙو گهٽائڻ کي مڪمل رد ڪجي ٿو، سيلف ۽ ميرٽ جي وڌايل فين وارو فيصلو مڪمل طور ورتي وڃي. تنهن ڪري سڀني شاگردن کي اپيل ڪئي وئي ته ڪير به في جمح نه ڪرائي. سڀاڻي وي سي ۽ اسٽوڊنٽس افيئرس ڊائريڪٽر ڏانهن مطالبن جي لسٽ ۽ في گهٽائڻ لاءِ درخواست اماڻي ويندي. جڏهن ته سڀاڻي ئي سنڌ لا اسٽوڊنٽس ايسوسيشن پاران 11 وڳي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ 26 جون تي 10 بجي سنڌي شاگرد تحريڪ جي خلاف ريلي جي حمايت ڪئي وئي. ڇنڇر جي ڏينهن ٽوئيٽر تي فيس واڌ خلاف ٽرينڊ هلايو ويندو. ايڇ اي سي ۽ سنڌ حڪومت کي جي ميل جي ذريعي درخواستون موڪليون وينديون. آچر جي ڏينهن سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ ڪاميٽي جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪري پاڪستان جي سڀني شاگرد تنظيمن کي انهي تحريڪ جو حصو ٿيڻ جي دعوت ڏيندا. ان کانپوءِ بک هڙتال تي سوچيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سڀني شاگردن کي عرض آهي ته ڪير به جمع نه ڪرائي.