ڪوٽ سبزل ۾ 9ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن: پ پ ايم پي اي

0
375
ڪوٽ سبزل ۾ 9ڄڻن کي قتل

اوٻاوڙو (رپورٽر) پ پ پ ايم پي اي ممتاز علي چانگ چيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد سنڌ پنجاپ جي دنگ ماهي چوڪ ۾ انڍهڙ گينگ هٿان بيگناھ قتل ٿي ويل 9ڄڻن کي 5 ڏينهن گذري چڪا آهن پر پنجاپ حڪومت هن مهل تائين انهن جي وارثن کي انصاف ناهي ڏياري سگهي

پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ ايم پي ممتاز علي چانگ چيو ته ڌاڙيلن طرفان مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ڊڄڻ وارو ناهيان، ڌمڪين جو آئون پاڻ انهن کي ڀرپور طريقي سان  جواب ڏئي سگهان ٿو، ڏوهارين کي ڪجھه سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي آهي ۽ هاڻ  جيڪو به ڏوهارين جي سپورٽ ڪندو ته انهن کي ڳلي ۾ هٿ وجهي پوليس جي حوالي ڪيو  ويندو

ھن چيو تھ قانون کان ڪير به مٿانهون  ناهي، سندس چوڻ هو ته هاڻي جيڪو به ڏوهاري پڪي طرف ايندو ته انهن کي عوام ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪندو، پ پ ايم پي اي  ممتاز علي چانگ جو وڌيڪ چوڻ هوته مون کي پنجاب پوليس ڪجھ ٽائيم اڳ سيڪيورٽي فراهم ڪئي هئي ھاڻي اھا به واپس ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ مون کي پنهجي پارٽي طرفان سيڪورٽي فراهم ڪئي وئي آهي.

ھي به پڙھندا

رائونتي: جانو انڍڙ گينگ 9 ماڻهن کي مارڻ جي جي ذميواري قبولي ورتي