حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار کي ملازمت نه ڏيڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري حيدرآباد کي نوٽيس جاري ڪندي 21 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لطيف آباد يونٽ نمبر 9 جي رهواسي نويد حسين شاهه پنهنجي وڪيل ممتاز احمد لاشاري معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته 2007ع دوران هن پي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ پاس ٿيڻ باوجود ملازمت نه ڏني وئي جڏهن ته سندس درخواست تي لاڳاپيل عدالت 2012ع دوران کاتي کي ميرٽ تي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. درخواست گذار موجب هو 14 سالن کان لاڳاپيل عملدارن جي آفيسن جا چڪر پيو ڪاٽي ان لاءِ استدعا آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندڙ عملدار خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي.