مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪندي هٿڪڙيون هڻائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مٽياري ضلعي جي نور ڪيٽي ٿاڻي تي سال 2017 ۾ داخل ٿيل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي ماڊل ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري ٻن جوابدارن مرزو کوسو ۽ خان کوسو جي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته سال 2017 ۾ نور ڪيٽي ٿاڻي ٽوهه ٻلال کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ جوابدار مرزو ۽ خان کوسو مٿان ٽوهه ٻلال کي زميني تڪرار تان قتل ڪرڻ جو الزام آهي.