رائونتي: جانو انڍڙ گينگ 9 ماڻهن کي مارڻ جي جي ذميواري قبولي ورتي

0
1255
: جانو انڍڙ گينگ 9 ماڻهن کي

رائونتي(ن پ ا)جانو انڍڙ گينگ جو هٿياربند اعتراف ڪري وڊيو سوشل ميڊيا وائرل ڪري ڇڏي.

وڊيو ۾ هٿياربند پنج ڏينهن اڳ ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ماهي چوڪ ۾ انڍڙ برادري جي 9 ماڻهن جي قتل ٿيڻ جي ذميواري قبول ڪندي چوي ٿو ته ڪوٽ سبزل جي ايس ايڇ او ٻلي کي به اسان ماريو هو.

هاڻي 9 ماڻهن کي به ماريو آهي، اڳتي جيڪو انهن جو ساٿ ڏيندو انھن کي به مارينداسين.وڌيڪ هن جو چوڻ هو ته، اسان جا ماڻهو ڪجهه سال اڳ پوليس ماريا هئا، انهيءَ ايس ايڇ او کي مارجي ويلن هار پارايا هئا، انهيءَ ڪري کين ماريو آهي.

ھي به پڙھندا

رائونتي: ڪوٽ سبزل ۾ 9 ڄڻن جي قتل واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز سامھون اچي ويا