ميرپورماٿيلو (ن پ ا ) جروار جي ڳوٺ واحد بخش لنڊ واسي احمد الدين لنڊ گذريل ڏينھن ٽرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ سيٺ سنيل ڪمار خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته هو ڄاڻايل واپاريءَ سان کاڌ جي ڏيتي ليتي ڪندو رھيو آھي، جنھن جا مون ڏانھن ڏانھن 49 لک رپيا رهيل هئا. ڄاڻايل واپاري کانئس 20 لک رپيا وڌيڪ وٺي ويو آھي. ان جي باوجود ٽريڪٽر جا اصل ڪاعذ واپس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اھڙي درخواست تي عدالت واپاري ۽ ايس ايچ او جروار کي 30 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آھي.