ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ 6 مھينا اڳ ساڍا 26 لک رپين جي ڪوڙي چيڪ ڪيس ۾ ٻه سال قيد جي سزا آيل جوابدار جي اپيل رد، سزا برقرار، جيل حوالي، ان ڏس ۾ جوابدار واسديو مالھي رضوان سرور کي ساڍا 26 لک رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏنا ھئا، جنھن ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 6 مھينا اڳ کيس ٻه سال قيد ۽ 20 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي، جوابدار جي اپيل تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت سزا برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.