ڪوٽڙي (رپورٽر) ريلوي ورڪرز يونين پاران ريلوي ڪالوني ڪوٽڙي ۾ پاڻي ۽ گئس جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف ڪوٽڙي اسٽيشن تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي يونين جي مرڪزي اڳواڻ منظور احمد، غلام علي، نسيم رائو ۽ ٻين ڪئي. ريلوي ملازمن هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ريلوي ڪالوني ۽ ريلوي ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ انتظاميا ۽ حڪومت جو ڌياب ڇڪائيندي چيو ته ريلوي جي نجڪاري وارو عمل ختم ڪري ملازمن کي سرپلس ڪرڻ واري پاليس ختم ڪئي وڃي، اڳواڻن چيو ته ريلوي ڪالوني ۾ پاڻي ۽ گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظاميا قدم کڻي ۽ ريلوي جي اسپتالن پڻ ملازمن لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ريلوي آفيسرن جي نااهلي سبب ڪالوني مسئلن جو ڳڙھ بڻيل آهي.