جوهي (ن پ ا) جوهي ٿاڻي کان سڏ پنڌ تي جوهي_دادو روڊ تي روڊ محمد بخش خاصخيلي جي ايزي پئسا دڪان تان 3 هٿياربند ڦورو دڪان تي ويٺل الاهي خاصخيلي کي يرغمال بڻائي 3 لک رپيا ۽ 2 سمارٽ فون ڦر ڪري ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي خلاف واپارين ۽ سياسي اڳواڻن ڪاروبار بند ڪري الاهي خاصخيلي، حفيظ لغاري، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ حاجي يوسف سولنگي، هاشم کوسو، غلام قادر لغاري، عمر ٻٻر، احمد لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڊاڪٽر منظور چونڪ تي ٽائر ساڙي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي دادو جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي پوليس ويزا تي هجڻ ڪري جوهي تعلقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي. هنن چيو ته جوهي ٿاڻي سامهون ڦر جي واردات باوجود پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. ايس ايچ او جوهي احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيڻ سان گڏ ساٿ ڏيو، مان ڦورو گرفتار ڪري ڦر واپس ڪرائيندس.