ڪنڊيارو: اسپتال اندر قائم فلٽر پلانٽ به غير فعال بڻيل آهي، لکين رپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل فلٽر پلانٽ عوام کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيو آهي، جنهنڪري ايندڙ مريض پاڻي لاءِ سخت پريشان رهن ٿا، ان ڏس ۾ مريضن جو چوڻ آهي ته اسپتال انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ان باوجود به ڪي قدم ناهن کنيا ويا.