ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ۾ قومي شاھراهه تي پيروتيو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار نمبر PAU 238 ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي. ڪوٽڙي ڪبير قومي شاھراھ پير وتيو اسٽاپ تي ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪار ڊرائيور کي ننڊ جو جھٽڪو اڻ سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنھن سبب ڪار ۾ سوار ملڪ صغير، رئيس احمد ملڪ، عادل ملڪ ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي پيا جن کي ھالاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کين ڪراچي روانو ڪيو ويو.