لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج واري علائقي جو رهواسي 17 ورهين جو انٽر جو شاگرد عبدالله پٽ احمد بروهي بلوچستان جي شهر زيارت ويجهو موٽرسائيڪل کاهي ۾ ڪرڻ سبب تڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس دوست معجزاڻي طور محفوظ رهيو، ڀرپاسي جي ماڻهن نوجوان جو لاش کاهي مان ڪڍي زيارت اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.