خيرپور (رپورٽر) ٽنڊومستي پوليس 8 مئي ته موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي نوجوان محمد اعظم خاصخيلي کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن امداد چانڊيو ۽ شاهد چانڊيو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ بندوق، ٽي ٽي پسٽول، ڪارتوس ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون. پوليس موجب واقعي بعد واقعي جو ڪيس ٽنڊومستي ٿاڻي تي گرفتار ڪيل جوابدارن ۽ سندن ساٿين خلاف داخل ڪيو ويو هو. پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي