ڪراچي)رپورٽ: دودو چانڊيو)سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب سمنڊ 32 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي،  1991 ع واري ٺاهه ۾ ڊائون اسٽريم ۾  ساليانو 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ جو ذڪر آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. سکر بئراج جي بحالي وارو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن سان بئراج جي عمر  20 سال وڌي ويندي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آبپاشي کاتي بابت سوال جواب ڪيا ويا.  پ پ ايم پي اي غزالا سيال سوال ڪيو ته  سنڌ  جي ڪهڙن ضلعن ۾ ڪهڙا ڊيم  ٺهيا آهن؟ جنهن جي موٽ آبپاشي واري وزير چيو ته ڪاڇي، ڪوهستان، ننگرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 116 ڊيم ٺهيل آهن. اهي ننڍا ڊيم 20 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهن ٿا،

ننڍن ڊيمن کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي  هن چيو ته واپڊا وارن دراوٽ ڊيم ٺاهيو آهي،  ملير جي ٿڌو ڊيم ۾ پاڻي ذخيري جي گنجائش گهٽ آهي، تازين برساتن ۾ ملير ويئر ون کي مڪمل ۽ 2 ۽ 3 کي جزوي نقصان پهتو، اهي ڊيم13 انچ برسات جي گنجائش جا آهن، هيل 38 انچ برسات پوڻ سبب ڊيمن کي نقصان پهتو. هن ٻڌايو ته ٿڌو ڊيم جي پي سي ون لاءِ وفاق کي لکيو آهي منظوري ملڻ بعد  انهي تي ڪم ڪرايو ويندو. پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي سوال ڪيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به ڪو ڊيم ٺاهڻ جو پروگرام آهي؟ ڄام شورو چيو ته ڪوهستان، ٿرپارڪر، ڪاڇو ۽ ڪراچي  ڪمانڊ ايريا ۾ ناهن، اتي ڊيم ٺهيل آهن، هڪ سوال جي موٽ ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ کي خريف جي مند ۾ حصي جو پاڻي نٿو ملي، هر سال وفاق اڳيان سنڌ ڀرپور احتجاج ڪري ٿو، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب  انڊس ڊيلٽا کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، اڳ ۾ هن ريجن ۾ 35 پورٽ ( بندرگاهه) هئا هن چيو ته تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي 32 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. متحده جي  ايم پي اي رعنا انصار چيو ته سکر بئراج کي 100 سال ٿي ويا آهن، اسان سندس بحالي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

جنهن تي ڄام شورو چيو ته 1932 ۾ سکر بئراج مڪمل ٿي، عالمي بينڪ  جي تعاون سان 33ارب جي لاڳت سان بئراج جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، انهي سان بئراج جي عمر 20 سال وڌندي، متحده جي منگلا شرما نئين سکر بئراج جي اڏاوت بابت سوال ڪيو، جنهن تي  ڄام شورو چيو ته سکر بئراج جي بحالي واري رٿا ۾ ۾ نئين بئراج جي اسٽڊي ( اڀياس ) به شامل آهي، ٽيڪنيڪل سروي بعد نئين بئراج ٺهڻ يا نه ٺهڻ، هنڌ ۽ ڪيئن ٺهندو؟ وارن نقطن  جو تعين ڪيو ويندو، هن چيو ته گڊو بئراج جي به 20 اربن جي خرچ سان مرمت ڪرائي پئي وڃي، مين  بئراج ۽ ڪينال جا گيٽ بدلي ڪيا ويندا.پي ٽي آءِ  جي جمال صديقي چيو ته سنڌ ۾ نئون بئراج ٺاهڻ بابت ڪو پلان آهي؟ جي موٽ ۾ ڄام شورو چيو ته ڪنهن جي خواهش هئي ته سجاول وٽ سنڌوءَ تي سنڌ بئراج ٺاهجي، حقيقت ۾  بئراج ٺاهڻ لاءِ خواهش نه پر وڏي محنت ۽ سروي جي ضرورت هوندي آهي،

ڪنهن جي خواهش هئي ته سجاول ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي، حقيقت ۾ سنڌ کي پاڻي نٿو ملي ته بئراج ڪيئن ٺهندو ؟ پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي سوال ڪيو ته 2018ع  ۾ اربن، رورل، عورت ۽ اقليت ڪوٽا تي انجنيئرن جون ڀرتيون ڪيئن ٿيون ؟ جنهن تي ڄام شورو چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 6 اربن ۽ 34 رورل ڪوٽا هيٺ انجنيئر  ڀرتي ڪيا ويا، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار چيو ته آبپاشي واري وزير حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي، 80 سيڪڙو انجنيئر رورل ڪوٽا جا ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهي دوران  خواجا اظهار ۽ ڄام خان شورو ۾ منهن ماري پڻ ٿي.