ڪراچي: ڪراچي جي غازي ڳوٺ  وارو مسئلو سنڌ اسيمبلي ۾ پهچي ويو. پي ٽي آءِ جي اديبه حسن چيو ته غازي ڳوٺ۾ اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن دوران عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ناقابل برداشت هو. حڪومت پاران ڪير به غازي ڳوٺ ناهي ويو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ  جي غازي ڳوٺ وڃڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن جي موٽ ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اهو  واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو، پ پ فوٽو سيشن نه ايڪشن تي يقين رکي ٿي، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏنو، پوليس ۽ انتظاميا جا 7 آفيسر معطل ڪيا ويا آهن ، واقعي بابت جاچ جاري آهي