ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي علائقي خدا جي بستي جا رهواسي ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا پر اسرار نمومي گم ٿي ويا جنهن سبب سندن گهرن ۾ قهرام متل آهي ۽ وارث سخت پريشان آهن، ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي علائقي خدا جي بستي جا رهواسي ٻارڙا انصاف علي تنيو ولد اقبال تنيو ڏ ٻجه سڳا ڀائر عبدالباسط ۽ عبدالمزمل ولد عبدالغفار مغل گذريل گذريل ڏينهن کان لاپتا ٿي ويا آهن، وارثن پاران مسلسل ڳولا باوجود ٻارڙا ملي ناهن سگهيا جنهن بعد حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي، وارثن جو چوڻ آهي تہ سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي خبر ناهي معصوم ٻارڙا ڪاڏي گم ٿي ويا آهن جنهن سبب گهر ۾ ڪھرام متل آهي، هنن وس وارن کان اپيل ڪئي تہ ٻارڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.