حيدرآباد(پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي وفد ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بحريه ٽائون سميت قومي معاملن تي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي خزانچي نعيم ملڪ ۽ سنگت حيدرآباد جي ضلعي رابطه سيڪريٽري آغا ظفر ايس ٽي پي هائوس حيدرآباد پهچي سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايو وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو پڻ ٿيو ۽ ايس ٽي پي سربراھ سنڌي ادبي سنگت کي بحريا ٽائون خلاف 6جون تي رٿيل احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن سڏ جي سنگت سنڌ طرفان حمايت ڪندي چيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت طرفان9 مئي تي سڄي سنڌ ۾ اڳ ئي احتجاج ٿي چڪو آھي ۽ اڳتي نه رڳو بحريا ٽائون جي زيادتين پر سنڌ جي مجموعي مسئلن تي سنڌ جا اديب ۽ ادبي سنگت جا ساٿي ڀرپور آواز بلند ڪري ايس ٽي پي سميت سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ ۾ سڏ ڏيندا. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو تاريخي ڪردار رهيو آھي اسان کي خوشي ٿي رهي آھي ته سنڌ جا اديب پنهنجي ڌرتي جي مالڪي لاء اٿي پيا آھن، ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا مارشل لائون هجن سنڌ جو اديب هميشه اڳين صفن ۾ رهيو آھي. ان موقعي تي سنگت سنڌ جي خزانچي نعيم ملڪ چيو ته سنڌ جي سڀني اديبن تي لازم آھي ته اهي نه صرف قلم جي ذريعي قوم جي رهنمائي ڪن.