ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل جي رھواسن جميل احمد سھتو، علي حسن سومرو، آصف ابڙو احتجاج ڪندي چيو ته بجلي جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي ، چوويھن ڪلاڪن ۾ صرف ھڪ ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي جيڪا سراسر ناانصافي آھي ، بجلي نه ھئڻ ڪري گرمي جي آزار سان گڏ واٽر سپلاءِ جي مٺي پاڻي پيئڻ کان محروم آھيون ۽ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيون ، جنھن جي ڪري مختلف موذي مرضن ڪر کنيو آھي ۽ سخت تڪليف کي منھن ڏئي رھيا آھيون، لوڊ شيڊنگ ختم ڪري شيڊول مطابق بجلي ڏئي تڪليف دور ڪئي وڃي.