کھڙا (ن پ ا ) کهڙا ۾ غريب آباد محلي جو رهواسين استاد عبدالله اڄڻ، بخت علي ڪٽپر، عطا محمد عباسي، مستري لياقت علي اڄڻ، زاهد حسين عباسي، ديدار علي ڀٽي سبزي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن دانهيو ته سيپڪو کهڙا جي انچارج عبدالڪريم هنگورو اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ڪري جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي، غريب آباد محلي ۾ 4 سال اڳ منظور ٿيل ٽرانسفارمر رشوت عيوض ٻئي هنڌ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته غريب آباد مان 10 ٿنڀن مان جست جون قيمتي تارون لاهي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، صرف 3 ٿنڀن ۾ دڪان تان خريد ڪيل ڪيبل جي تار لڳائي آهي باقي 7 ٿنڀن ۾ 800 کان 900 فوٽ ڊگهي پي وي سي تار ٿنڀي ۾ لڳل ميٽر کان گهر تائين ڇڪي وڃڻ ۾ 20 هزارن کان 30 هزار رپيا قيمت صارفين ڪٿان ڀري سگهندا؟