حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ساجن پنهورپريس ڪلب ۾ صوبائي اڳواڻ محمد صفدر آرائين، انيس احمد خان، رياست علي قائمخاني، بلال ناغڙ ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاور جنريشن ۽ پاورهائوسز جي 1750 ملازمن کي سرپيلس ڪرڻ واري حڪمن معطل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته لاڳاپيل عدالت چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جينڪو هولڊنگ ڪمپني ميان افتخار عمران جي مقرري کي پڻ غيرقانوني قرار ڏيندي نئين سي اي او جي مقري جو حڪم ڏيئي تاريخي فيصلا ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ جي فيصلي سان هزارين خاندان فاقه ڪشي کان بچي ويا آهن جيڪا پيغام يونين جي فتح آهي.هنن الزام هنيو ته واپڊا هائيدرو اليڪٽرڪ يونين هر مهيني ڏيڍ ڪروڙ رپيا ملازمن کان چندو وٺي رهي آهي پر اڃا تائين ڄاڻايل يونين ملازمن جي حق ۾ هڪ به ساراهه جوڳو ڪم نه ڪيو آهي. جنهن ڪري ملازم ان تنظيم مان مايس ٿي پيغام يونين جو حصو بڻجي رهيا آهن اڳواڻن اعلان ڪيو ته پيغام يونين 16 جون تي ليسڪو لاهور جي ٿيندڙ ريفرينڊم ۾ پڻ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي. هن چيو ته لاهور ريرفريندم بعد حيسڪو، سيپڪو، جينڪو، ون جنريشن ڪمپني ڄام شورو ۾ ڪمپني سطح تي ريفرينڊم ٿيندو جنهن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو.جڏهن ته پيغام يونين سدائين واپڊا ملازمن جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريندي رهندي.