ڪوفي ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارين

0
135
ڪوفي ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارين

                 تاريخِ ڪربلا ۾ اهڙا شهڪار ڪردار نظر اچن ٿا جن جي صبر جو پيمانو عام انسانن جي وس کان مٿانهون ۽  اُتم آهي. دنيا ۾ هزارين ڪردار آهن پر  حُسينيت جھڙا ڪردار ۽ انهن جي قرباني ۽ صبر جھڙو مثال ملڻ محال آهي.

جب هو ڪي گذر جائين سوا  لاک پيغمبر

تب جا ڪي ڪهين آتا هي دنيا مين حسين

محرم الحرام ايندي ئي توهان اسان پنهنجي چوڌاري امامن جي ياد ۾ سبيل جنهن ۾ ٿڌي پاڻي جي سبيل، چانھه، کير جي سبيل وغيره ڪري امام عالي مقام جي پياس کي ياد ڪندا آهيون. ڪربلا مولا ۾ گرمي جي تمام گهڻي شدت هجڻ ۽ ٽن ڏينهن  تائين پاڻي بند هجڻ ڪري امام ۽ اهل عيال خاص ڪري ننڍڙن معصومن جو حال بيحال ٿي چڪو هو.

“مجهه سي مت پوڇ ڪي پياس ڪي شدت ڪيا ٿي

ڌوپ ايسي ٿي ڪي سائي ڪو ڀي جلتي

اڱاري  جي ڏينهن ست محرم تي ابن زياد، عمربن سعد ڏي خط موڪليو ته فرات تي فوج بيهاري ڇڏ ته جيئن حسين ابن علي ع  ۽ ان جي ساٿين کي پاڻي نه ملي، انهن کي هڪ ڦڙو  به پاڻي پيئڻ جي اجازت نه ڏي جيئن عثمان بن عفان کي پاڻي نه ڏنو ويو هو.(1)

حڪم ملندي ئي عَمر بن سعد پنج سو سوار فوجي فرات تي بيهاريا انهن امام جن جو پاڻي بند ڪيو اهو غير انساني ورتاءَ امام حسين عليه السلام جي شھادت کان ٽي ڏينهن اڳ ۾  ڪيو ويو هو.

بهت قريب سي ديکا هي مين ني صبر خليل

مگر حسين تيري صبر ڪا جواب نهين

ڪربلا جي شهادتن کان پوءِ شام جي زندان ۾ هڪ عجيب سوال پڇيو هو سانئڻ سڪينه سلامن عليه پنهنجي ڀاءَ امام سجاد عليه سلام جن کان ته ادا اڃ (پياس) جون گهڻيون ڪيفيتون ٿينديون آهن.؟ امام جن فرمايو هو ته منهنجي بابي جي تعويذ سڪينه چار درجا ۽ ڪيفيتون ٿينديون آهن ھن جي پهرئين ڪيفيت ۾ آسمان  ڌنڌلو نظر ايندو آهي، ٻي درجي ۾ زبان ۾ ڪنڊا ۾ لڳڻ محسوس ٿيندا آهن، ٽين ڪيفيت ۾ پياسي جي زبان سڪي ويندي آهي جنهن جي ڪري هو اها سڪل زبان چپن تي بار بار ڦيرائيندو آهي ۽ آخري شديد سخت حالت جيڪا اڃايل جي هوندي آهي اها جسم جو گوشت هڏين کي ڇڏي ڏيندو آهي. سانئڻ سڪينه جن فرمايو ادا ڪربلا ۾ اهي چارئي پياس جا درجا ڪجھه منهنجي بابا حسين ع سلام جن ۾ نظر آيا. ڪجھه منهنجي ڀاءَ علي اڪبر ع ۾ ڪجھه شديد ڀاءَ علي اصغر ع سلام جن ۾ ۽ آخري سخت ڪيفيت ادا مون ۾ آهي، منهنجي جسم جو گوشت هڏين کي ڇڏي ڏنو آهي، ڀاءَ سجاد ع مان ڪربلا کان شام  تائين ڏاڍي پياسي آهيان.

عجيب پياس ٿي وه جس ڪي ياد  مين اب تڪ

هر اڪ آنک سي نهر فرات جاري هي

سلام هنن پياسن تي جن ڪربل ۾ اُڃ جي اهڙي حالت ۾ رهي ڪري به اسلام جي حفاظت ڪئي ۽ يزيد کي ۽ انهي جي فوج کي هميشه جي لاءِ جهنم ۾ ڌڪيو ۽ لعنت جي ڦٽڪار رهندي دنيا تائين سندن مقدر بڻي.

شهزادي حضرت علي اصغر ع سلام جن جيڪي امام حسين ع سلام جا سڀ کان ننڍا فرزند هئا جن جي ڪربلا ۾ عمر صرف ڇھه مهينا هئي. امام عالي مقام جن جي پنهنجي والدين جي محبت ۾ پنهنجي سڀني پٽن جا نالا علي ۽ ڌيئرين جا نالا فاطمه رکيا هئا هن شهزادي جو نالو به علي هو اصغر جي معنيٰ ننڍو آهي ڪربلا ۾ ٻچن جي پياس جي شدت وڌندي پئي وئي هر طرف آهون پڪارون.

تم لاک مار ڪي ڀي هار گئي

اور اڪ پياس جيت گيا.

ڪوفي ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارين

اتي عليَ شاھه کي شھزادا سارين

نڪريو نهارين، چڙھه، مير محمد عربي (شاھه)

حوالو:

  1. انساب الاشراف ج 3 ص 180

[email protected]